خزينة المخطوطات جلد-1

خزينة المخطوطات جلد-1

خزينة المخطوطات جلد-1

خزينة المخطوطات جلد-1 (ڪتاب): مخدوم سليم الله صديقيءَ جو هي ڪتاب سنڌ جي قديم ڪتبخانن ۾ موجود قلمي فهرستن تي مشتمل آهي. سرڪاري توڙي نجي ڪتبخانن ۾ سوين هزارين قلمي نسخا موجود آهن. مخدوم سليم الله صديقيءَ وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان سنڌ جي ادبي ادارن ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ڪتبخانن ۾ موجود قلمي نسخن جو تفصيل گڏ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي پهرين جلد ۾ ڏهن هزارن قلمي نسخن جو تفصيل ڏنو ويو هو ۽ هن ٻئي جلد ۾ ڇهن هزارن مخطوطن / قلمي نسخن جو تفصيل ڏنو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي نگراني ۽ مولانا محمد ادريس سنڌيءَ جي معاونت ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هي ڊبل ڪرائون جي 550 صفحن تي مشتمل ڪتاب 2010ع ۾ ڇپيو آهي. ان جي قيمت 500 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو